خطي نيزا

خطي نيزا

خطي نيزا

خطي نيزا: هڪ قسم جو هٿيار جيڪو عرب جنگين ۾ استعمال ڪندا هئا. عرب هنن نيزن کي هندي نيزا به سڏيندا هئا. قديم زماني ۾ عربن وٽ هندي تلوارن وانگر هندي نيزا گهڻو مشهور هئا، جيڪي خاص ڪري ’عمان‘ واري علائقي ’بحرين‘، ۾ تيار ڪيا ويندا هئا، ان کي ’خط‘ چيو ويندو هو. ان لاءِ سنڌ، گجرات ۽ ڀڙوڇ کان بانس ۽ بيد گهرايا ويندا هئا، پوءِ انهن کي نيزي جي شڪل ڏني ويندي هئي، خطي ۽ سمهري نيزا خالص هندستاني ڪاٺيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي جنگين ۾ ڪتب ايندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو